حيدرآباد پريس ڪلب جي چونڊ ڊيموڪريٽڪ ۽ عقيل ابراھيم گروپ ڪامياب

حيدرآباد پريس ڪلب جي چونڊ ڊيموڪريٽڪ ۽ عقيل ابراھيم گروپ ڪامياب

حيدرآباد (ن سنڌ يار) حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ عقيل ابراھيم گروپ جي اميدوارن وڏي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو.حيدرآباد پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبرن تي ڪرايل اليڪشن ۾ آن لائين انڊس ٽي وي جي سرواڻ خالد کوکر سڀني اميدوارن کان وڌيڪ ووٽ 103 حاصل ڪيا، لالا رحمان 102 ووٽ، علي حسن 101 ووٽ، جي پرڪاش 101 ووٽ، حميد رحمان 101 ووٽ، حامد شيخ 102 ووٽ، خالد چانڊيو 101 ووٽ، ناصر شيخ ھڪ سئو ووٽ، حسين خان 99 ووٽ ۽ سڀني اميدوارن جي مقابلي ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مھيش ڪمار صرف ارڙھن ووٽ حاصل ڪري سگھيو آھي.حيدرآباد پريس ڪلب جي اليڪشن لاءِ مرتضيٰ سيال، اي ڊي ملاح ۽ احمد علي جعفري تي جوڙيل اليڪشن ڪميٽي نتيجن جو اعلان ڪيو ته فتح حاصل ڪندڙ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۽ عقيل ابراھيم گروپ جي اميدوارن کي صحافين طرفان گلن جا ھار پارايا ويا.جڏھن ته پريس ڪلب حيدرآباد جي لاءِ صدر عبدالله شيخ، نائب صدر عثمان عرف ظفر ھڪڙو، جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري اشوڪ شرما ۽ خزانچي تصور شاد کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو