حيدرآباد: ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

حيدرآباد: ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل ٿي ويو، مقتول جي سڃاڻپ 50 ورهين جي رياض آخوند طور ٿي آهي، جيڪو سرڪاري ملازم پڻ هو.مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي وارثن الزام هنيو ته ملڪيت جي تڪرار تان فياض ميمڻ کيس ٽي گوليون هڻي قتل ڪيو.هوڏانهن نسيم نگر پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جلد گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي سڀني رخن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاچ جي روشني ۾ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو