حيدرآباد سميت ڀرپاسي وارا  لهوارا علائقا پاٺي هيٺ، بجلي غائب

حيدرآباد سميت ڀرپاسي وارا لهوارا علائقا پاٺي هيٺ، بجلي غائب

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد، ڄامشورو، نوري آباد، ٿاڻو بولاخان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کان پوءِ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو.حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات پوڻي 10 وڳي کان سوا 11 وڳي تائين ڪٿي هلڪي ته وري ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، برسات شروع ٿيندي ئي بجلي بند ٿي وئي جنهن سبب شهر جا ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا. حيسڪو ترجمان موجب برسات سبب سڄي شهر جا 48 فيڊر بند ڪيا ويا، هوڏانهن برسات کان پوءِ شهر ۾ پاڻي نيڪالي جي ڪم جي مانيٽرنگ لاءِ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين مختلف پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو.ضلعي انتظاميه موجب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جي نيڪالي جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي، پاڻي نيڪال جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال ڪرڻ ضروري آهي. ان کان علاوه ڄامشورو، نوري آباد، ٿاڻي بولاخان ۽ ڀرپاسي ۾ به تيز برسات پئي.ريسڪيو اهلڪارن موجب برسات سبب ٿاڻي بولاخان جي علائقي ڪرچات م ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا، ڄامشورو ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو