حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي منتخب

حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي منتخب

حيدرآباد(ن س)سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي چونڊجي ويو. نون چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪاشف شورو حيدرآباد جو ميئر ۽ صغير قريشي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي بلدياتي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.صوبائي وزير سعيد غني حيدرآباد جي نئين چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو