حيدرآباد: ايس پي ايس سي امتحانن ۾ مبينا پنهنجا نوازي خلاف ڌرڻا جاري

حيدرآباد: ايس پي ايس سي امتحانن ۾ مبينا پنهنجا نوازي خلاف ڌرڻا جاري

حيدرآباد (رپورٽر): حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي چٽاڀيٽي امتحانن جي نتيجن ۾ مبينا پنهنجا نوازي، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن ۽ نوجوانن جو ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو جاري رهيو. احتجاج ڪندڙ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪميشن انتظاميه جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ راتو رات نتيجن ۾ ردوبدل ڪري اهل ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن جي حق تلفي ڪندي من پسند ۽ بااثر ماڻهن جي رشتيدارن کي نوازيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي نوجوانن سان وڏو ظلم آهي. هنن مطالبو ڪيو ته هاڻوڪن نتيجن جي اعليٰ سطحي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ميرٽ جي بنياد تي نتيجا پڌرا ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو