حيات بلوچ جهڙا قتل جمهوريت ۾ قبول ناهن، سزا ملڻ گهرجي، مزاري

حيات بلوچ جهڙا قتل جمهوريت ۾ قبول ناهن، سزا ملڻ گهرجي، مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي انساني حقن واري وزير شيري مزاري چيو آهي ته جنهن طرح حيات بلوچ کي قتل ڪيو ويو اهو جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي هوندو ۽ سندس قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن جمعي تي قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ مير حاصل خان بزنجو جي وفات تي پيش ٿيندڙ زراج دوران بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي نموني مارن ۽ قتل ڪرن جمهوريت ۾ ناقابل قبول هوندو آهي. شيري مزاري چيو ته مون حيات بلوچ جي قتل جي مذمت ڪئي هئي ۽ زور ڏنو هو ان بابت سخت ايس او پيز هئڻ گهرجن.

Few remembrances of Hayat Baloch, Photo Twitter

بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي احساس محرومي آهي اُتي هن قسم جا واقعا نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته هن معاملي ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي آءِ جي ايف سي ميجر جنرل سرفراز علي مقتول جي گهر تعزيت لاءِ ويو ۽ واسطيدار اهلڪار کي جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيو آهي.

IG FC Maj Gen Sarfraz Ali condolence to Parents

هن خاطري ڪرائي آهي ته وارثن سان انصاف ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته فضا بدلجي رهي آهي ۽ اميد آهي ته اها بدلبي رهندي. هن چيو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙي طرح ماڻهن کي مارڻ ۽ تشدد ڪرڻ جمهوريت م ناقابل قبول آهي. هن چيو ته اهڙا ڏوهه ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي. هن اسپيڪر کي ياد ڪرائيندي چيو ته اڳ ۾ سنڌ ۾ هڪ صحافي قتل ٿيو (عزيز ميمڻ) ان لاءِ ايوان ۾ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو پر اها اڄ تائين نه ٺهي سگهي.

Journalist Aziz Memon killed on 16th February this year, Photo Gulf News

(ياد رهي ته عزيز ميمڻ محرابپور سنڌ ۾ ڪي ٽي اين جو رپورٽر هو، هن بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ دوران مقامي پي پي اڳواڻن پاران ڪرائي تي آندل ڪارڪنن پاران طئي ڪيل معاوضو نه ڏيڻ تي سندن احتجاج جي خبر هلائي هئي. جنهن جي شايع ٿيڻ تي کيس مائيڪ جي رسي ڳڇي ۾ ٻڌي قتل ڪري 16 فيبروري هلندڙ سال لاش واهه ۾ اڇلايو ويو هو. سندس مک قاتل اڃا گرفتار ناهي ٿيو) شيري مزاري چيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيندو رهندو ته ايوان جي به توهين ٿيندي ۽ جمهوريت جو به نقصان ٿيندو. ياد رهي ته 13 آگسٽ تي بلوچستان جي ڪيچ ضلعي جي تربت واري علائقي ۾ کارڪن جي باغ ۾ والد سان گڏ ڪم ڪندڙ بلوچ نوجوان حيات بلوچ کي ايف سي اهلڪارن پوڙهن والدين جي سامهون گرفتار ڪري سڙڪ تي 8 گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

Hayat Baloch was shot down bh FC Naik on 13th August in Turbat, Photo Twitter

نوجوان ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ ڪورنا جي موڪلن سبب ڳوٺ آيل هو. سندس ڀاءُ مراد بلوچ فريادي طور قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. ڊي جي ايف سي اندروني جاچ بعد واسطيدار ايف سي اهلڪار کي پوليس حوالي ڪيو هو جنهن کان پڇا ڳاڇا هلندڙ آهي. جنهن ڏينهن هي واقعو پيش آيو ان ڏينهن ايف سي جي گاڏي تي ديسي بم سان حملو ٿيو هو جنهن ۾ آفيسر سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا. جنهن جي جاچ دوران حيات بلوچ کي سڏ ڪري کائنس پڇا ڪئي پئي وئي ته ايف سي اهلڪار نائڪ شاهد الله بناحڪم جي ڪاوڙ ۾ اچي کيس 8 گوليون هڻي پرون ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد بلوچستان جي اڪثر شهرن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڏي پيماني تي احتجاج به ٿيا هئا.

Massive protests in Balochistan for arrest of killers, Photo Twitter

مرحوم حيات بلوچ جي والد تربت جيل سڃاڻپ پريڊ دوران قاتل اهلڪار کي نشاندهي ڪئي هئي. جمعي ڏينهن پارليمان جي ٻنهي ايوانن ۾ معمول جي ڪاروائي روڪي مير حاصل خان بزنجو کي خراج پيش ڪرڻ بعد اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيا ويا. اهو پهريون ڀيرو آهي ته قومي اسمبلي جي ڪنهن اڳوڻي ميمبر جي وفات تي معمول جي ڪاروائي معطل ڪري کيس خراج پيس ڪيو ويو. سينيٽ ۾ به ڪاروائي نه ٿي. سڀني جماعتن جي ميمبرن ٻنهي ايوانن ۾ مير حاصل بزنجو جي سياسي جدوجهد تي زبردست خراج پيش ڪيو ويو ۽ چيو ته هو هڪ پڪو اصول پسند ۽ سچو محب وطن سياستدان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو