حمزه ۽ شهباز شريف خلاف رمضان شوگر مل ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي

حمزه ۽ شهباز شريف خلاف رمضان شوگر مل ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز خلاف رمضان شگر مل ريفرنس جي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور جي احتساب عدالت جي جج علي ذوالقرنين اعواڻ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.شهباز شريف جي نمائندي انور حسين ايڊووڪيٽ حاضري مڪمل ڪئي، حمزه شهباز عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.عدالت حمزه شهباز جي مستقل حاضري جي درخواست تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو