اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير محسن نقوي، پوري قوم ۽ مسلم امت کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا عظيم ڪارناما اسان لاءِ بهترين مثال آهن. محسن نقوي، عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ولادت نور جي گهڙي آهي جڏهن آسمان جا دروازا کوليا ويا، زمين تي رحمتون نازل ٿيون، ۽ سچا ۽ امانتدار بڻجي، پاڻ صلي الله عليه وسلم مڪي جي بي رحم ماحول ۾ ايمانداري ۽ سالميت جو چراغ روشن ڪيو.محسن نقوي چوي ٿو ته حضور صلي الله عليه وسلم هڪ مثالي سماجي ۽ معاشي نظام ڏنو جيڪو پوري دنيا لاءِ هڪ مشعل راهه آهي.هن وڌيڪ چيو ته غلامن، يتيمن ۽ ڪمزورن لاءِ سندس رحمت قيامت تائين انصاف جي نظام جو ستون آهي. فتح مڪي جي ڏينهن دشمنن کي معاف ڪري، پاڻ ﷺ انسانيت کي هڪ نئون عروج عطا ڪيو.محسن نقوي اهو به چيو ته ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام لاءِ، نبي ڪريم ﷺ جي سٺي مثال تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪرڻ گهرجي.










