حسن ۽ حسين خلاف نيب ريفرنس جي ڪاروائي ملتوي

حسن ۽ حسين خلاف نيب ريفرنس جي ڪاروائي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ فليگ شپ، ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.حسن نواز ۽ حسين نواز جا وڪيل قاضي مصباح ۽ درخواستگذار راڻا عرفان نيب عدالت ۾ پيش ٿيا.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا جي بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. احتساب عدالت نيب کي ريفرنسز جو رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ 19 مارچ تائين مهلت ڏئي ڇڏي ۽ درخواست تي ٻڌڻي 19 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو