ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڀائٽي بئريسٽر حسان نيازي خلاف جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي ۾ هڪ شهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي ۾ محمد اقبال نالي شهري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوابدار اقبال پوليس کي بيان ڏنو ته گهر ۾ واٽس اپ استعمال ڪندڙ شخص جي وڊيو سامهون آئي، وڊيو ۾ شخص انٽرويو ڏئي رهيو هو.شهري موجب انٽرويو ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته ڪنهن جو به خيال نه رکيو ويندو، دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿي ويندي.درخواستگذار اقبال ٻڌايو ته ان شخص جو نالو حسان نيازي ولد حفيظ الله نيازي ٻڌايو پيو وڃي، اهو شخص پنهنجي ساٿين جي مدد سان ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو هو. حسان نيازي دفاعي ادارن جي اڳوڻن ۽ موجوده سربراهن کي ڪوڙن لفظن ۾ خطاب ڪندي ڌمڪيون ڏئي رهيو هو.ذريعن موجب حسان نيازي جي گرفتاري لاءِ اڄ پنجاب روانو ٿي سگهي ٿي.










