ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ حريم شاهه جي پاڪستان واپسي تي گرفتاري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.حريم شاهه جي پاڪستان واپسي تي گرفتاري روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته حريم شاهه پاڪستان واپسي تي گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي.جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ به حريم شاهه کي تحفظ ڏنو هو پر درخواستگذار حريم شاهه عدالتي حڪم جو غلط فائدو ورتو.جسٽس ڪي ڪي آغا وڌيڪ چيو ته هي اها ئي عورت آهي جنهن رقم جو انڪشاف ڪيو ۽ مني لانڊرنگ جي دعويٰ ڪئي؟ عدالت سان راند کيڏڻ بند ڪريو.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ايف آءِ اي کي جاچ کان نٿو روڪي سگهجي.










