حد دخلين خلاف آپريشن 50 کان وڌيڪ دڪانن جا ڇپرا پٽ

ڳڙھي ياسين(شفيق مهر) اسسٽنٽ ڪمشنر  وڏي پوليس نفري ۽ ڪرين ساڻ ڪري شھر جي مختلف علائقن ڊکڻ ناڪو ، نورمصطفي چوڪ ۽ اسڪولن ٻاھران  غير قانوني طور دڪاندارن ۽ شھرين پاران ڪيل قبضا ختم ڪرائڻ لاء وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. ڊکڻ ناڪي تي 50 کان وڌيڪ دڪانن جا ڇپرا  ۽ دڪا ڪرين سان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا جڏھن ته روڊ تي بيٺل ريڙھا پڻ ھٽائي حددخلين خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آھي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد اسحاق گاد صحافين سان ڳالھائيند چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ڊي سي شڪارپور جي حڪم تي حد دخلين خلاف شھر ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي شھر اندر دڪاندارن سرڪاري پلاٽن ۽ روڊ تي غير قانوني طور قبضا ڪيا آھن جنھن ڪري شھرين کي تمام گھڻي تڪليف ٿي رھي آھي حد دخلين خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو جلد سرڪاري پلاٽن ۽ عمارتن تي ٿيل قبضن خلاف به آپريشن شروع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو