حب (ن س) بلوچستان اسمبلي جي صوبائي سيٽ پي بي 21 تي ٻيهر ڳڻپ دوران آر او نثار احمد لانگو جي آفيس ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ سبب 2 ڄڻا قتل ۽ 13 زخمي ٿي پيا. 8 فيبروري تي ٿيل چونڊ دوران هن حلقي مان باپ پارٽي جي سردار صالح محمد ڀوتاڻي اٽڪل 30 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. جڏهن ته ٻئي نمبر تي نيشنل پارٽي جي رجب علي رند 17 هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا هئا ۽ پيپلزپارٽي جي علي حسن زهري 14 هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته نتيجن جي ڦير ڦار جا اطلاع هئا ڊبل ٺپن جون خبرون به سوشل ميڊيا تي هليون. جنهن بعد گذريل رات دير تائين ڳڻپ جاري هئي ته باپ پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي حامين ۾ جهيڙو ٿي پيو. قتل ٿي ويل ٻنهي ڪارڪنن جو تعلق باپ پارٽي سان آهي ۽ زخمين ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو شامل آهن. جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ٻيهر ڳڻپ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.










