ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف پنهنجي خواهش ۽ خبرداري ٻنهي کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو.26 فيبروري تي کيڏيل پاڪستان سپر ليگ جي ميچ کان اڳ لاهور قلندرز جي حارث رئوف ۽ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي.ان موقعي تي بابر اعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ حارث رئوف چيو ته مون کي توهان کي ٻاهر ڪڍڻو آهي.جڏهن ته هن ميچ ۾ حارث رئوف پنهنجي خواهش پوري نه ڪري سگهيو ۽ بابر اعظم کي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي هٿان بولڊ ڪري ڇڏيو ۽ اها ميچ لاهور قلندرز 40 رنسن تان کٽي ورتي.گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 8 جي 23هين ميچ ۾ پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر حارث رئوف کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو مليو.هن ڀيري حارث رئوف اهو ئي ڪيو جيڪو هن 26 فيبروري تي ڪپتان بابر اعظم کي چيو هو.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بابر اعظم فاسٽ بالر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.










