حيدرآباد (ن س) جي يو پي پاران پ پ جي حمايت ۾ سمورن اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جو اعلان ڪيو ،جي يو پي سربراهه ابوالخير محمد زبير حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه ملاقات بعد اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جو اعلان ڪيو،ابوالخير محمد زبير چيو ته منهنجي قائد شهيد ذوالفقار ڀٽو سان گڏجي 1973 جو آئين ٺاهيو هو، مون کي اهو نه پيو جڳائي ته پ پ اميدوار جي مقابلي ۾ بيهان،ابوالخير محمد زبير چيو ته آصف زرداري وعدو ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچي آئين جي پاسداري ڪندو، پيپلزپارٽي جي اميدوارن جو ساٿ ڏينداسين،ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته جي يو پي سربراهه پيپلزپارٽي کي مان ڏيندي اميدوارن کي هٿ کڻايو آهي، اها هڪ سٺي روايت آهي، جي يو پي سموري پاڪستان ۾ پ پ اميدوارن سان الحاق ڪري رهي آهي،شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي 8 فيبروري تي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻندڙ جماعت بڻجي سامهون ايندي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ به چونڊن دوران ڪلين سوئيپ ڪندي










