ميرپورخاص (ڊيسڪ نيوز) جميعت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پريس ڪانفرسن ڪندي چيو آهي ته اسان اسلام آباد لاڪ ڊائون لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون ڪري رهيا آهيون. راشد محمود سومرو چيو ته هڪ سال جي اندر ئي سليڪٽڊ وزيراعظم هاڻي رجيڪٽڊ بڻجي چڪو آهي. مهانگائيءَ ۽ ٻين مسئلن سبب غريب ماڻهوءَ جو جيئڻ حرام ٿي چڪو آهي. پاڪستان جي شاهه رڳ ڪشمير رتورت ٿي چڪو آهي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان شرمندگيءَ ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ان ڪري هاڻي اسانکي ملڪ جي استحڪام ۽ ڪشمير جو مسئلو بهترين انداز سان اٿارڻ لاءِ هن حڪومت کان جند آجي ڪرائڻي پوندي.










