جي يو آءِ اڳواڻن جي نواز شريف سان ملاقات لاءِ درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام جي وفد ميان نواز شريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ وفد جي ملاقات لاءِ پنجاب جي گهرو کاتي کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عبدالرحمان ۽ اڪرم دراني ساڻس ملي عيادت ڪندا. مولانا هيدري موجب 2 آڪٽوبر تي درخواست ڏني آهي اڃا جواب ناهي مليو. هن ٻڌايو ته اسين نواز شريف کي مولانا فضل الرحمان جو خصوصي پيغام ڏينداسين. ياد رهي ته مسلم ليگ (ن) جي وفد گذريل ڏينهن مولانا سان ملاقات ڪري هڪ مهيني لاءِ آزادي مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي. اربع تي ٿيل ملاقات ۾ مولانا چيو هو ته هو پارٽي سان مشاورت بعد خميس تي جواب ڏيندو ۽ هاڻي هو نواز شريف ڏانهن وفد موڪلڻ چاهي ٿو. جنهن مان لڳي ٿو ته سندس ملاقات بعد هو ان باري ۾ فيصلو ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو