جي بي,6 حلقن ۾ نتيجن تي اعتراض رد، پ پ  ۽ (ن) ليگ جون سيٽون برقرار

جي بي,6 حلقن ۾ نتيجن تي اعتراض رد، پ پ ۽ (ن) ليگ جون سيٽون برقرار

اسڪردو(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان انتخابي تڪرارن بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي اعتراض رد ڪري ڇڏيا. چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت راجا شهباز پاران جاري ڪيل فيصلي موجب، جي بي اي-17 ديامر 3 تي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪئي وئي آهي ۽ ان سيٽ تي پيپلز پارٽي جي محمد نسيم جي کٽڻ کي برقرار رکيو ويو آهي.فيصلي موجب، جي بي اي-18 ديامر 4 تي اعتراض رد ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي ڪفايت الرحمان جي جيت برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-14 استور II ۾ به اعتراض رد ڪيو ويو ۽ (ن) ليگ جي رانا محمد فاروق جي ڪاميابي برقرار رکي وئي. اليڪشن ڪميشن موجب، جي بي اي-20 غذر II تي اعتراض رد ٿيڻ کانپوءِ (ن) ليگ جي عبدالجهان جي ڪاميابي برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-19 غذر I ۾ به اعتراض رد ڪندي پيپلز پارٽي جي سيد جلال شاهه جي جيت برقرار رکي وئي. ان کان علاوه، جي بي اي-15 ديامر I ۾ اعتراض رد ٿيڻ کانپوءِ آزاد اميدوار دلپذير جي ڪاميابي برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-5 نگر I ۾ به اعتراض رد ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي جي ذوالفقار علي مراد جي جيت برقرار رکي وئي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب، جي بي اي-16 ديامر II ۾ آزاد اميدوار امام مالڪ جي ٻيهر پولنگ واري درخواست رد ڪئي وئي آهي، تنهن هوندي به پوسٽل بيلٽ پيپرن جي ڳڻپ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو