جي بي  جي حڪومت سازي بابت نمبر گيم ۾ تبديلي ايندي: رانا

جي بي جي حڪومت سازي بابت نمبر گيم ۾ تبديلي ايندي: رانا

اسلام آباد (بيورورپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جي حڪومت سازي بابت موجوده نمبر گيم ۾ تبديلي ايندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته گلگت بلتستان جي حڪومت سازي بابت 15 تاريخ تي فائنل نمبر گيم سامهون ايندو، کين وڌيڪ 2 يا 3 سيٽون ملي وينديون. رانا ثناءُ الله چيو ته پيپلز پارٽي کين سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو. ٻئي طرف، پيپلز پارٽي جي نديم افضل چن چيو ته کين گهربل 3 سيٽون ملي وينديون. ان کان علاوه، پي ٽي آئي جي شهرام ترڪئي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندن جماعت اپوزيشن ۾ ئي رهي ته بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو