راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 9 مئي تي راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي جي خاص عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد، شيخ راشد شفيق ۽ ٻيا جوابدار، پي ٽي آءِ جو وڪيل فيصل ملڪ ۽ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه به ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا.استغاثه جي شاهدن جي غير موجودگيءَ سبب اڄ ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي.عدالت شاهدن کي ايندڙ تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










