نئين دهلي (نيوز ڊيسڪ): ڀارتي اداڪاره ۽ بالنگ پارٽيءَ جي رڪنِ پارليامينٽ ڪنگنا رناوت پنهنجي متنازعه بَيان ’گٽر جينريشن‘ بابت نئين وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪو پاڻ کي ڪاڪروچ مڃي ٿو ان جو تعلق گٽر سان جوڙڻ انتهائي قدرتي ڳالهه آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪنگنا رناوت چيو ته سندس تبصرو ملڪ جي سمورن باصلاحيت نوجوانن لاءِ هرگز نه هو، پر اهي مخصوص ماڻهو جيڪي منفي سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ پاڻ کي ڪاڪروچ سمجهن ٿا، انهن لاءِ ’گٽر جينريشن‘ جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا هئا. ڪنگنا رناوت وڌيڪ چيو ته سندس تنقيد جو مک مقصد اهي نوجوان هئا جيڪي منشيات جي نِشي، جوئا ۽ ڊارڪ ويب واري پاسي مائل آهن. پيپر ليڪ خلاف احتجاج ڪندڙن بابت فنڪاره چيو ته مظاهرين پاران سوشل ميڊيا تي ٺاهيل ريلز ۽ پوسٽون انتهائي بيهوده هيون.ياد رهي ته ڪنگنا رناوت حال ئي ۾ جاري ٿيل فلم ”ڀارت ڀاگيا وڌاتا“ ۾ نظر آئي آهي، جيڪا 2008ع جي ممبئي حملن دوران اسپتال عملي جي سچي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل ٻڌائي پئي وڃي.










