جيڪب آباد ۾ پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو، هيڊ ڪانسٽيبل شهيد

جيڪب آباد ۾ پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو، هيڊ ڪانسٽيبل شهيد

جيڪب آباد (ن س )جيڪب آباد جي تحصيل ٺل ويجهو پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو.ايس ايس پي جيڪب آباد قمر رضا جسڪاڻي موجب پوليس اسنيپ چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل سوار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽرسائيڪل سوارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.هن چيو ته پوليس به جوابي ڪارروائي ڪئي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل رسول بخش بروهي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو