جيڪب آباد: (ن س ) جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار ڪلاشنڪوف جون گوليون هڻي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيوجيڪب آباد ڀرسان بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ميوو جکراڻي ۾ عورت شاھده جکراڻي ۽ نوجوان اسرار جکراڻي کي جوابدار سوغات عرف محمد حسن جکراڻي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. پوليس اهڙي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.انهي حوالي سان جيڪب آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ عورت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا.پوليس موجب عورت ۽ مرد جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. جوابدار سوغات عرف محمد حسن پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ کان پوءِ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










