عمران جي حڪم تي مُلڪ جا جيل ڀري ڇڏينداسين:فرخ حبيب

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته اسان جو ڪو به ليڊر جيل وڃڻ کان نٿو دڄي، عمران خان جڏهن ڪال ڏيندو، اسان مُلڪ جا جيل ڀري ڇڏينداسين.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت جيڪو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري رهي آهي اِهو عام ماڻهوءَ جي موت جي وارنٽ صحيح ڪرڻ برابر آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معاشي ڍانچي کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، جنرل باجوا اڄ جواب ڇو نٿو ڏي جنهن کين اقتدار جي ڪرسي تي اچي ويهاريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو