سلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪيو توهان کي اهڙو جواب ڏينداسين جو توهان جي وهم گمان ۾ به نه هوندو.راولپنڊي ۾ مسلم ليگ نون جي ورڪر ڪنوينش کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته اسان چونڊن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، مسلم ليگ نون اليڪشن جي لاءِ مڪمل تيار آهي پر ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي وقت تي ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته نون ليگ ۽ نواز شريف ملڪ کي اڳ ۾ به بحرانن کان ڪڍيو آهي، ملڪ لاءِ جيڪي ڏکيايون آهن نواز شريف جي سربراهي ۾ نون ليگ قيادت ملڪ کي انهن بحرانن مان ڪڍندي.عمران خان سان مخاطب ٿيندي مسلم ليگ نون پنجاب جي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان جو بنيادي ايجنڊا ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ آهي، هو ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ چاهي ٿو پر اسان نٿا چاهيون ته عمران خان کي ڪو اهڙو موقعو ملي، هڪ پاسي جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪري ٿو وري پاڻ لڪي ويٺل آهي، جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪيو توهان کي اهڙو جواب ڏينداسين جيڪو گمان ۾ به نه هوندو، اسان جيلن ۾ انهن کي واڙينداسين جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، ورڪرن کي نه پر عمراني ٽولي جي انهن بدبخت ماڻهن کي جيل ۾ وجهنداسين جيڪي ملڪ کي نقصان پهچائن ٿا.










