جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان، ڪارڪن تيار ٿين:عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪارڪن تيار ٿي وڃن، جيڪڏهن مون اشارو ڏنو ته گرفتاريون ڪيون وينديون.وڊيو لنڪ خطاب ۾ عمران خان چيو ته اسحاق ڊار ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جون ڀڀڪيون هنيون، آءِ ايم ايف کي ڌمڪيون ڏنيون، پوءِ گوڏا کوڙيا، مهانگائي ڪندڙ حڪومت ملڪ مان ڀڄڻ جي تياري ڪري رهي آهي،هن چيو ته سازش تحت ڏوهارين جي حڪومت قائم ڪئي وئي، جيڪڏهن جدوجهد نه ڪئي وئي ته تباهي جو ذميوار هرڪو پاڻ هوندو، مهانگائي 50 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي،عمران خان چيو ته مان اڳڪٿي ڪريان ٿو ته مهانگائي واري حڪومت جا ماڻهو ملڪ مان ڀڄڻ جي تياري ڪري رهيا آهن،پنهنجو پئسو ملڪ کان ٻاهر رکي هي ماڻهو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي خيرات ڏيڻ لاءِ چئي رهيا آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شهباز گل کي تي تشدد ڪيو ويو، مٿس اڃا به تشدد جا اثر موجود آهن، اعظم سواتي پيٽرول پمپن تي جهيڙو ڪري پئسا ڪمايا،هڪ ٽوئيٽ تي شندانا گلزار کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو، هن ڇا ڪيو آهي ته کيس دهشتگرد بڻائي ڇڏيو؟ جيڪڏهن هن ڪو بيان ڏنو آهي ته توهان ان کي رد ڪري سگهو ٿا.عمران خان چيو ته 75 سالن جي شيخ رشيد کي هٿڪڙيون هڻي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، مون تي هن وقت 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، مان اليڪشن کٽي سگهان ٿو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ملڪ تماشو ڏسي رهيو آهي، 18 ڏينهن گذري ويا آهن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرن چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني، جيڪڏهن 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊون نه ڪرايون ته آئين جي آرٽيڪل 6 تحت گورنر خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته عمران خان کي جيل ۾ وجهڻ جو منصوبو هو، جيڪي ڳالهائيندا هئا انهن جا وات بند ڪندا، سڄو ملڪ عدليه ڏانهن ڏسي رهيو آهي، اميد آهي ته عدليه آئين سان گڏ بيهندي، قوم ڏسي رهي آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيندي يا نه؟.

پهنجو تبصرو موڪليو