اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي بالادستي لاءِ وڙهندو رهندس. مديني جي رياست ۾ ميرٽ هوندي هئي قابليت جي بنياد تي ماڻهو مختلف عهدن تي مقرر ٿيندا هئا. جيڪو جرنيل سٺو ڪم ڪندو هو اهو مٿي ويندو هو. اهڙو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل قومي رحمت اللعالمين ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ خدا جي هر نعمت موجود آهي پر نظام ٺيڪ ناهي، 90 لک پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر آهن، هو ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا پر هنن کي هتان جو نظام اچڻ نٿو ڏي. هڪ پاڪستاني ايترو امير آهي جيترو آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي قرض آهي. هن چيو ته اسانکي نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو، قانون کا ڪير به مٿانهون نه هجڻ گهرجي سڀني لاءِ قانون برابر هجي. ماڻهن کي انصاف بنا فرق جي ملڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا جي اچڻ سان نئين نسل لاءِ چئلينجز به وڌي ويا آهن ۽ جنسي ڏوهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هالي ووڊ کان بالي ووڊ ۽ اتان پاڪستان ايندڙ ڪلچر اسان جي خانداني نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندو. اسان کي پنهنجن ٻارن ۽ نوجوانن کي ٻاهرين ثقافتي يلغار کان بچائڻو آهي. عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي سيرت نبي صلي الله عليه و آله وسلم کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن پيغمبر صلعم هنن جو رول ماڊل نمبر ون بڻجي وڃي. وزيراعظم ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جنسي ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ اهو هڪ وڏو خطرو آهي. برطانيا ۾ جنسي ڏوهن جي ڪري خانداني نظام درجيوار تباهه ٿي ويو. اسان ٻارن کان موبائيل فون زبردستي ڦري نه ٿا سگهون ۽ سوشل ميڊيا به بند نه ٿا ڪري سگهون، پر اسان گهٽ ۾ گهٽ ٻارن جي تربيت ته ڪري سگهون ٿا ۽ هنن کي ٻاهرين ڪلچر جي خراب اثرن بابت آگاهه ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به معاشري ۾ خانداني نظام ان وقت ٽٽي پوندو آهي جڏهن فحاشي وڌي ويندي آهي.
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جو چيمپيئن
جماعت اسلامي سنڌ جو اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي روڊ حادثي ۾ فوت
گوگل جو جيمنائي اي آءِ انجڻ آءِ فونز جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار
پاڪستان جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروايون
آصف زرداري سان آمريڪي سفير جي ملاقات،صدر بڻجڻ تي مبارڪباد
تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري ورتي
پي ٽي آءِ معيشت ٻوڙي ڇڏي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پون ٿا
بل گيٽس جو وزيراعظم شهباز شريف کي اهم خط
سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون
فيض حميد جي ڀاءُ نجف جو جوڊيشل رمانڊ منظور،جيل موڪلڻ جو حڪم
آءِ ايم ايف موجب بجلي، گيس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟: نواز شريف
شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون هلائڻ جو اعلان
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان
ڪهڙن نالن وارن کي 15 مارچ کان محطاط رهڻ گهرجي؟
اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو ڀاءُ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار
فوج تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر8 ساٿين سميت مارجي ويو
يوسفزئي، اسفند يار کي 15 ڪروڙ هرجاڻو ادا ڪري، حڪم
ايف آءِ اي کي شاندانه گلزار خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جو حڪم