ڳالهيون ناڪام، ڌرڻو سپريم ڪورٽ آڏو يا ڊي چوڪ،  فيصلو اڄ ٿيندو

ڳالهيون ناڪام، ڌرڻو سپريم ڪورٽ آڏو يا ڊي چوڪ، فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ڌرڻي جي جاءِ جو فيصلو صبح ڪيو ويندو.وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن سان رات 10 وڳي ملاقات ڪئي.وفاقي وزيرن هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻي واري هنڌ تبديل ڪرڻ لاءِ کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.راڻا ثناءُ الله ۽ اسحاق ڊار جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واضح آهي ته سڀاڻي جو مظاهرو پرامن هوندو، سڀاڻي جي مظاهرن ۾ تشدد نه ٿيندو.اسحاق ڊار چيو ته اڄ جون ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، ڌرڻي ۾ هڪ ٻوٽو به نه ٽٽندو، گهرو وزير مطمئن آهي.هن چيو ته تازو ڏٺو ويو ته چند سئو ماڻهن وڏو نقصان ڪيو، تاريخي تنصيبات جي ڀڃڪڙي شرمناڪ آهي.راڻا ثناءُ الله چيو ته ڌرڻي جي جاءِ جو تعين پارٽي اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويو، في الحال ڌرڻي واري هنڌ ۾ ڪا تبديلي نه ٿي سگهي، ڌرڻي جي جاءِ جو فيصلو صبح ڪيو ويندو.هن چيو ته هن مولانا فضل الرحمان سان سمورين رپورٽن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، رپورٽن موجب ڪافي انتظام ڪيا آهن.گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ان حوالي سان مڪمل بااختيار آهي، هو صبح تائين مشاورت کانپوءِ ڌرڻي واري هنڌ جو فيصلو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو