جو بائيڊن پاران آمريڪي شهرين کي يوڪرين ڇڏڻ جو حڪم

جو بائيڊن پاران آمريڪي شهرين کي يوڪرين ڇڏڻ جو حڪم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪي شهرين کي فوري طور يوڪرين ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب صدر جوبائيڊن آمريڪين کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور يوڪرين مان نڪري وڃن ڇو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته هو آمريڪين کي ڪڍڻ لاءِ امدادي فوجون نه موڪليندا، تنهن ڪري يوڪرين ۾ موجود آمريڪين کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ گهرجي. آمريڪي صدر خطي ۾ وڌندڙ سرگرمين کان به خبردار ڪيو آهي.”اسان دنيا جي هڪ وڏي فوج سان ڊيل ڪري رهيا آهيون ، اها تمام ڏکي صورتحال آهي ۽ شيون تمام تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به پنهنجي شهرين کي فوري طور يوڪرين ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روس سرحد تي هڪ لک کان وڌيڪ فوجين کي تعينات ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود هن يوڪرين تي ڪنهن به ممڪنه حملي جي ترديد ڪئي آهي. روس پاڙيسري ملڪ بيلاروس سان وڏي پيماني تي فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ۽ يوڪرين جي سمنڊي تائين رسائي کي روڪڻ جو الزام به لڳايو آهي. ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته ان ڇڪتاڻ ۾ يورپ ڏهاڪي جي سڀ کان وڏي سيڪيورٽي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. روس ۽ يوڪرين گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته اهي فرانسيسي ۽ جرمن عملدارن سان ڳالهين کانپوءِ اوڀر يوڪرين جي تڪرار تي ڪنهن به معاهدي تي پهچي نه سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو