جوهي ۾ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جو ريسڪيو آپريشن جاري

جوهي ۾ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جو ريسڪيو آپريشن جاري

دادو/جوهي/  ڊرگهه بالا(نمائندن وٽان) ڪاڇي جي جابلو پاٽي ۾ برساتن سبب نئيون وهي اچڻ بعد تباهي متل 120 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن جڏهن ته نئين گاج جو وهڪرو تيزي سان گهٽجڻ بعد ايف پي بند تي دٻاءَ گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي جوهي جي ٻڏڻ وارو خطرو به ٽري ويو آهي، گاج بنگلو وٽ 28 فوٽ مان گهٽجي 7 فوٽ پاڻي جو وهڪرو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو جوهي کان ڪٽيل آهي، جنهن سبب هزارين خداندان ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن پاڪ فوج گذريل ڏينهن کان ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Photo Twitter

پاڪ فوج جي جوانن پاران ننڍي عمر جي ٻارن، پيرسن مردن توڙي عورتن کي پهريان ترجيح ڏيندي ريسڪيو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي جيڪي ماڻهو گذريل ڏينهن پاڻي جي تيز وهڪري سبب وڻن تي چڙهيل هئا انهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي، گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه متاثر علائقي جو دورو به ڪيو هو ۽ چيو هو ته بندن کي گهارا لڳڻ ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ آبپاشي عملي جي ڪوتاهي جو ثبوت آهي، ڪوتاهي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، اسان جي پهرين ترجيح ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ آهي.

Photo Twitter

برسات جي پاڻي سبب ڪاڇي جا شھر قصبو، ھيروخان، ڊرگھ بالا، واھي پانڌي، ڇني شھر سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ننگر داريو کوسو , حسن گرماڻي , سڄڻ جي پئي , شڪلاڻي لنڊ , ٽٻائي لنڊ راڄو ڳنڍو , قربان چانڊيو , ايوب سونارو ,سيوو جمالي ,ڪنڊو ٻٻر , ٽالپرنبجو ڳوٺ , فتح محمد بروهي لٺ وارا لنڊ , قمبراڻي ,پيارو لنڊ , شھڪ رودناڻي , ڌنو جي ٽڪري , ساوڙو , بهليل شاھ , ڇني , درمحمد بوذدار ,سجاول آلکاڻي , حافظ جمالي سميت 120 ننڍا  وڏا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن.

Photo Twitter

ڪافي ڳوٺن  کي پاڻي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو، آھي جڏنهن ته لکين رپين جو  گھرن جو سامان، راشن، چو پايو مال وغيره پڻ لڙھي ويو آھي عورتون توڙي ٻارڙا گهرن جي ڇتن وڏن پراڻن دڙن ۽ وڻن تي چڙھي پناھ ورتي، جن کي ريسڪيو ڪيو ويو. هن دفعي بلوچستان ۾ برساتون اڳ جي ڀيٽ کان وڌيڪ پوڻ جي ڪري 3 لک ڪيوسڪ نئين گاج وهي اچڻ ڪري ڪافي ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي آبادي کي نقصان پهچايو آھي.

Photo Twitter

ڪروڙين رپين جو پوکيل فصل نئين گاج جي پاڻي جي تيز وهڪري ۾  لڙھي ويو آھي هن چيو ته اڳ 1976  ۽ 1995 . 2010  جي مها ٻوڏ کان وڌيڪ نئين گاج جو پاڻي آيو آھي. نئين گاج جو پاڻي جوهي ايف پي بند سان ٽڪرائجي منڇر ڏانهن روانو ٿيو ته  آرڊي 44. آرڊي 50 وٽ ڪمزور ايف پي بند کي اوچتو روڻيو پئجي ويو جيڪو ايري گيشن عملي جي سستي ۽ نا اهلي سبب 50 فوٽن تائين گهارو پهچي ويو جنهن سبب جوهي جي ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو.

Photo Twitter

آچر تي شام دير تائين آرمي وارا گهاري واري جڳهه پهچي هڪ ايڪسويٽر ذريعي گهاري کي بند ڪرڻ جون ڪوشش ڪئي مگر پاڻي ۾ تيزي سبب ٽٽل بند اڃاتائين ٻڌجي ناهي سگهيو صوبائي وزير آبپاشي چيو ته اسان جوهي بئراج تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي هر حال ۾ عوام سان گڏ آھيون ٽٽل ايف پي بند کي ٻڌڻ جون ڪوششون جاري آھن.

Photo Twitter
Photo Twitter
Photo Twitter

پهنجو تبصرو موڪليو