اسلام آباد (بيورو رپورٽ) منصوبا بندي واري وزارت هلندڙ مالي سال 2026-2027 لاءِ جولاءِ کان اپريل تائين سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي خرچن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ترقياتي منصوبن تي 469.84 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.
وفاقي وزارتن جي ترقياتي منصوبن تي 332 ارب 67 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. ڪارپوريشنن جي ترقياتي منصوبن تي 137 ارب 17 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا.اين ايڇ اي جي منصوبن تي 84.41 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارپوريشنن ۾ بجلي جي منصوبن تي 52.76 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.
منصوبابندي واري وزارت موجب، ڪابينا ڊويزن جي منصوبن تي 44 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.
وفاقي وزارت تعليم جي تحت منصوبن تي 19.17 ارب رپين جا فنڊ خرچ ڪيا ويا، اعليٰ تعليم جي منصوبن تي 24.15 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته پاڻي وسيلن جي وزارت جي تحت منصوبن تي 66.90 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.
منصوبابندي واري وزارت موجب، هلندڙ مالي سال لاءِ نظرثاني ٿيل پي ايس ڊي پي جو حجم 837.16 ارب رپيا آهي.










