سيالڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جي اسپانسر ۽ ڪفالت ڪئي پئي وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته عدليه سهولتڪاري نه ڪري.دفاع واري وزير خواجه آصف سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پرڏيهه مان هتي پهتس ته خبر پئي ته تحريڪ انصاف جي عورتن سان گستاخي ڪئي وئي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پاامال ڪيو ويو. مان ذاتي طور تي شرمنده آهيان اسان جي سياست ۾ اهڙين شين جي ڪابه گنجائش نه آهي.هن چيو ته چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين. جن فيمليز جو تقدس پامال ٿيو مان انهن کان معافي چاهيان ٿو. متاثر فيملي جي گهرن ۾ به وڃڻ لاءِ تيار آهيان. عثمان ڊار جي والده يا سندس ٻين ساٿين سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو منهنجي لاءِ شرم جوڳو آهي مون کي جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته ڀينرن ۽ ڌيئرن کان معافي گهرندس. خواجه آصف چيو ته نوازشريف کي سازش تحت ڪڍيو ويو، نوازشريف سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو ڳٺ جوڙ هو، اڄ اهي پاڻ شرمنده ٿي رهيا آهن. نواز جي سياست اڄ به زنده آهي ۽ سندس ڀاءُ وزيراعظم آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي حالتن کي تباهه ڪيو ويو. اسان کي برباد ٿيل معيشت ملي هئي، 4 سال عمران خان ڦريندو رهيو، هاڻ سندس پوئلڳ عوام کي ڦري رهيا آهن. تحريڪ طالبان ۽ تحريڪ انصاف جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو. خواجه آصف چيو ته عدالت سڳوري جو چيف جسٽس چئي ٿو ته اوهان کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، عدالت لاڏلي کي رليف ڏنو، عمران خان کي اهڙن ڪيسن ۾ ضمانت ڏني وئي جيڪي قائم به ٿيا هئا، پارليامينٽ جيڪو به فيصلو ڪندي اهو سڀني کي مڃڻو پوندو.هن چيو ته اهو ڪهڙو انصاف آهي، ڪهڙيون عدالتون آهن. آصف زرداري جي ڀيڻ کي نظر بند ڪيو ويو، شهباز شريف جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ڪيس تيار ڪيا ويا، سموري خاندان کي عدالتن ۾ گهرايو ويو، مون ڪڏهن به پنهنجن سياسي مخالفن کي نشانو ناهي بنايو، اسان جي سياست ۾ ڪٿي به انتقام جو لفظ نه آهي.










