ڏھرڪي (ن س )ڏھرڪي ۾ اڳوڻي ايم پي اي شھريار شر جو پٽ جهانگير شر مبينا طور اغوا بعد بازياب ٿي ويو، جھانگير خان شر کي سندس ڳوٺ ٻيروٽا مان زرعي فارم تان مبينا طور اغوا ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس سان گڏ شر برداري جا ماڻهو به کينجهو واري علائقي ۾ پهچي ويا، ڪجهه ڪلاڪن بعد جهانگير شر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ياد رهي ته جھانگير خان شر کي سندس ڳوٺ ٻيروٽا مان زرعي فارم تان اغوا ڪيو ويو، وارثن موجب ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ھٿيار بند جهانگير شهر کي اغوا ڪري ويا آهن










