جهانگير ترين پارٽي سان گڏ آهي، بي اعتمادي رٿ نه ايندي

جهانگير ترين پارٽي سان گڏ آهي، بي اعتمادي رٿ نه ايندي

جهلم(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين سان منهنجو احترام وارو رشتو آهي ۽ هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته فضل الرحمان، مريم نواز، شهباز شريف ۽ بلاول سڀ ننڍڙا ماڻهو آهن، عالمي سطح تي سندن آواز نٿو ٻڌو پيو وڃي. تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته بي اعتمادي جي رٿ ڪٿان ايندي، جيڪڏهن همت اٿن ته سڀاڻي عدم اعتماد آڻين، هنن جي گهر وارا ئي ڳالهه نٿا ٻڌن بي اعتمادي جي رٿ ته پري جي ڳالهه آهي. عمران خان جي حڪومت کي نه وفاق ۾ ۽ نه پنجاب ۾ خطرو آهي. ياد رهي ته جهانگير ترين ۽ شهباز شريف ۾ ڳجهي ملاقات جون خبرون هلن پيون جنهن تي هن چيو ته ترين پارٽي سان گڏ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو