جهاز جي لينڊنگ پوليس اهلڪار جي زندگي کائي وئي، وارثن ۾  روڄ راڙو

جهاز جي لينڊنگ پوليس اهلڪار جي زندگي کائي وئي، وارثن ۾ روڄ راڙو

دادو(ن سنڌيار) دادو جي پي سي بي گرائونڊ تي ھيليڪاپٽر جي لينڊنگ دوران تيز هوا سبب ديوار ڪري پئي،ڊيوٽي تي موجود اميناڻي ٿاڻي جو پوليس اھلڪار عبداللطيف پنھور دٻجي فوت ٿي ويو ڊيوٽي دوران شهيد پوليس اھلڪار جو لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتي ايس ايس پي دادو عرفان سمون اسپتال پهچي وارثن کي آٿت ڏني جڏهن ته ٻوڏ متاثرين کي ريسڪيو ڪندڙ ادارن جو ھيليڪاپٽر پي سي بي گرائونڊ تي ٺاھيل ھيلي پيڊ تي لينڊنگ ڪري رھيو ھو تہ حادثو پيش آيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو