تيل جي ڊپوز تي حملن سبب تهران جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنيل، ساهه کڻڻ مشڪل

تيل جي ڊپوز تي حملن سبب تهران جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنيل، ساهه کڻڻ مشڪل

تهران (ويب ڊيسڪ)اڄ آچر تي نائين ڏينهن به ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا جاري رهيا، آمريڪا ۽ اسرائيل تيل جي 4 ڊپوز ۽ ريفائنري تي حملا ڪيا جنهن سبب باهه لڳي وئي ۽ تهران جي آسمان تي دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، ماڻهن جو ساهه کڻڻ مشڪل آهي. ماحوليات جا سنگين چيلينج پيدا ٿي پيا آهن. ان دوران مينهن وٺو ته ڪارو پاڻي زمين تي ڪري رهيو هو. ايران ۾ تيل جي ڊپو ۽ ريفائنريز تي اسرائيلي حملن بعد باهه جا وڏا شعلا نظر پيا اچن. ايران جي معذرت ۽ عرب ملڪن تي حملا نه ڪرڻ جي اعلان بعد بحرين ۾ ڊيسيلينيشن پلانٽ تي حملو ٿيو آهي، قطر، ڪويت ۽ يو اي اي ۾ به حملا رپورٽ ٿيا آهن. ايران ۾ نئين سپريم ليڊرجي چونڊ ٿي وئي آهي پر نالو اڃا سامهون ناهي آيو. الجزيره آيت الله محمد مهدي ميرباقري جي حوالي سان چيو آهي ته نئين ليڊر جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. اسرائيل وري اعلان ڪيو آهي ته خامنئي جي جان نشين کي به مارينداسين. ياد رهي ته صدر ٽرمپ اڳ ۾ چيو هو ته نئون ايراني ليڊر اسانجي صلاح سان اچڻ گهرجي. هوڏانهن  انقلابي گارڊز چيو آهي ته بحرين ۾ هڪ بحري بيس تي 21 آمريڪي مارجي ويا آهن. تهران ريفائنري تي حملي بعد تهران مٿان صبح کان دونهين جا ڪڪر ڇائنيل هئا، برسات پوڻ بعد ڪارو پاڻي ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ ايران، حيفا ريفائنري ۽ پورٽ کي نشانو بڻايو ويو. هڪ آمريڪي آئل ٽينڪر کي به نشانو بڻايو ويو. اسرائيل 6 شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن لبنان ۾ ٻن اسرائيل فوجين جي مارجڻ جي تصديق به ڪئي وئي آهي.

جهيڙي ۾ پوڻ نٿا چاهيون پر ايراني حملن جي جواب جو حق آهي، يو اَي اِي

متحدہ عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسانجو ملڪ ”جهيڙي يا شدت پسندی ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو نٿو رکي“ پر خودمختاريءَ جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ جو مڪمل حق آهي. بيان موجب”بهرحال، متحدہ عرب امارات پنهنجي مڪمل حق جي تصديق ڪري ٿو ته هو پنهنجي خودمختاري، قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ، ۽ پنهنجي شهرين ۽ رهواسين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ، بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مطابق سڀ ضروري قدم کڻي سگهي ٿو.“  وزارت چيو ته يو اي اي ”دفاعي حالت جنگ ۾ آهي، جيڪا وحشياڻي ۽ بغير ڪنهن اشتعال جي ايراني جارحيت جي جواب ۾ آهي، جنهن ۾ 1,400 کان وڌيڪ بالسٽڪ ميزائل ۽ ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو، جيڪي انفراسٽرڪچر ۽ شهري هنڌن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ شهرين جي موت ۽ زخمي ٿيڻ جو سبب بڻيا“.  بيان ۾ چيو ويو ته ”اهي حملا بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح خلاف ورزي آهن، يو اي اي جي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت تي حملو آهن، ۽ ان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سڌو خطرو آهن.“

يو اَي اِي پاران ايران جي واٽر پلانٽ تي حملي جي ترديد

ان کان اڳ اي ايف پي جي خبر موجب هڪ يو اي اي سينيئر آفيسر ايران جي قشم ٻيٽ تي ڊيسيلينيشن پلانٽ تي حملي جو انڪار ڪيو آهي. اهڙي دعوا هڪ اسرائيلي ميڊيا آئوٽليٽ ’واءِ نيٽ گلوبل‘ ۾ شايع ٿيل خبر ۾ ڪئي وئي هئي ته ايران جي واٽر پلانٽ تي حملو يو اي اي ڪيو آهي.  يو اي اي جي نيشنل ڊفينس ڪميٽي جي چيئرمين علي النعيمي چيو ته ”هي فريبي خبر آهي. يو اي اي اهو نٿو ڪري سگهي. “ هن وڌيڪ چيو ته ”يو اي اي ڪڏهن به ايراني ماڻهن کي ايراني رجيم سان هڪجهڙو نٿو سمجهي. ايراني ماڻهو ان رجيم جا حقيقي متاثر آهن ۽ ان جي پاليسين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا،“ هن وڌيڪ چيو ته ”پاڙيسري طور، اسان هن حقيقت کي تسليم ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڀلائيءَ جو خيال رکون ٿا.“ النعيمي پنهنجي بيان ۾ چيو، جيڪو هن ايڪس تي به شيئر ڪيو.

ٻئي پاسي يروشلم پوسٽ ۾ شايع ٿيل خبر موجب اسرائيلي فوج پڻ ايران جي واٽر پلانٽ تي حملي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي.

علائقائي ملڪ ڄاڻن ٿا ته آمريڪا هاڻي انهن جي سيڪيورٽي کي يقيني نه ٿو بڻائي سگهي، علي لاريجاني
ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني چيو ته علائقي ۾ آمريڪي اڏا اسان جي خلاف استعمال ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ايران کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو پورو حق آهي.علي لاريجاني چيو ته ٽرمپ ايران تي حملو ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. آمريڪا پنهنجي غلط حسابن جي دلدل ۾ ڦاسي پيو آهي.ايران کي خطي جي ملڪن سان ڪو مسئلو ناهي، خطي جا ملڪ ڄاڻن ٿا ته آمريڪا هاڻي انهن جي سيڪيورٽي کي يقيني نه ٿو بڻائي سگهي. جيڪڏهن آمريڪي اڏا دشمنن لاءِ استعمال ڪيا ويا ته ايران پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي ڪندو.

پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق آهي، جيڪڏهن خطي ۾ آمريڪي اڏا استعمال ڪيا ويا ته ڪارروائي ڪنداسين: ايران
ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته علائقائي ملڪن کي آمريڪا کي ايران خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته ايران کي علائقائي ملڪن سان ڪو مسئلو ناهي، علائقائي ملڪ ڄاڻن ٿا ته آمريڪا هاڻي انهن جي سيڪيورٽي کي يقيني نٿو بڻائي سگهي. جيڪڏهن آمريڪي اڏا دشمنن لاءِ استعمال ڪيا ويا ته ايران پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي ڪندو.

برطانوي شهرين لاءِ دبئي کان خاص اڏامون هلائڻ جو اعلان
برطانوي ميڊيا موجب، برطانوي حڪومت خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب دبئي ۾ ڦاٿل شهرين لاءِ ايندڙ هفتي چارٽر پروازون هلائيندي. ٻه پروازون اڳ ئي عمان کان روانيون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ٽيون آچر تي مسقط کان روانيون ٿينديون.

اسان ايران ۾ اهڙو صدر چاهيون ٿا جيڪو ملڪ کي جنگ ڏانهن نه وٺي وڃي: ٽرمپ
ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته جنگ کان پوءِ، ايران جو نقشو شايد هاڻي جهڙو نه نظر اچي. هن اهو به چيو ته آمريڪا ايران سان ڪنهن به معاهدي يا ٺاهه جي ڳولا ۾ ناهي، اهو دعويٰ ڪندي ته هو نٿو چاهي ته ڪرد فوجون ايران ۾ داخل ٿين.

دبئي حادثي ۾ مارجي ويل ڊرائيور پاڪستاني هو، اماراتي اختيارين جي تصديق
اماراتي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڇنڇر جي شام دبئي جي البرشه علائقي ۾ فوت ٿيل شخص هڪ پاڪستاني شهري هو جيڪو ڊرائيور طور ڪم ڪري رهيو هو.اختيارين موجب، تازن حملن ۾ هاڻي تائين ٻن پاڪستانين سميت چار ماڻهو پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن.ان کان اڳ، دبئي ميڊيا آفيس تصديق ڪئي ته البرشه ۾ هوائي دفاع جي آپريشن دوران ملبي ڪرڻ سان هڪ گاڏي کي نقصان پهتو، جنهن ۾ ايشيائي ڊرائيور مارجي ويو.

ايران اسرائيلي بحري بيس تي اينٽي شپ ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو
انقلابي گارڊز چيو ته انهن اسرائيلي شهر حيفا تي اينٽي شپ ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو ڪيو، جتي بحري بيس کي نشانو بڻايو ويو. نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب، ايراني حملي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي شروعاتي رپورٽ ناهي.

آمريڪا سان گڏجي، اسان ايراني هوائي حدن تي تقريبن مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ، اسرائيلي وزيراعظم
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ انقلابي گارڊ اهلڪارن کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو.اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان انهن سڀني ملڪن سان گڏ آهيون جيڪي ايراني حملي جو شڪار آهن، ۽ اهي ملڪ جيڪي ايراني حملي جو شڪار آهن اهي اسان سان رابطي ۾ آهن.نيتن ياهو چيو ته آمريڪا سان گڏجي، اسان ايران جي هوائي حدن تي تقريبن مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، ۽ اسرائيل پوري طاقت سان ايران خلاف جنگ جاري رکندو.اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ايراني حڪومت کي ختم ڪرڻ جو هڪ منظم منصوبو آهي.

جنگ کان پوءِ ايران جو نقشو هاڻي جهڙو نظر نه ايندو، ڊونلڊ ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگ کان پوءِ ايران جو نقشو شايد هاڻي جهڙو نظر نه ايندو.ايئر فورس ون تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان ڪنهن به معاهدي يا ٺاهه جي ڳولا ۾ ناهي. اسان ايران ۾ اهڙو صدر چاهيون ٿا جيڪو ملڪ کي جنگ ڏانهن نه وٺي وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو نٿو چاهي ته ڪرد فورسز ايران ۾ داخل ٿين.

سعودي هم منصب سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ايراني پرڏيهي وزير

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هو پنهنجي سعودي هم منصب سان مسلسل رابطي ۾ آهي.عباس عراقچي چيو ته سعودي اختيارين يقين ڏياريو آهي ته اهي پنهنجي سرزمين کي ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا.ان کان اڳ، ايراني صدر مسعود پيشڪشيان چيو هو ته پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو به حملو يا ميزائل حملو نه ڪيو ويندو جيستائين ايران تي انهن ملڪن جي سرزمين کان حملو نه ڪيو ويندو.هڪ بيان ۾، ايراني صدر چيو ته عبوري قيادت ڪائونسل پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو به حملو يا ميزائل حملو نه ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

جيڪي هٿيار ڦٽا ڪندا انهن کي ڪو به نقصان نه پهچندو: نيتن ياهو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ انقلابي گارڊ اهلڪارن کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو.هن چيو ته اسان انهن سڀني ملڪن سان گڏ آهيون جيڪي ايراني حملي جو نشانو بڻيا آهن، ۽ اهي ملڪ جيڪي ايراني حملي جو نشانو بڻيا آهن اهي اسان سان رابطي ۾ آهن.نيتن ياهو چوي ٿو ته، آمريڪا سان گڏجي، هن ايران جي هوائي حدن تي تقريبن مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي ۽ ايراني حڪومت کي ختم ڪرڻ جو هڪ منظم منصوبو آهي.هن چيو ته اسرائيل پوري طاقت سان ايران خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندو.

چين پاران ايران تي حملا  فوري روڪڻ جو مطالبو

چين ايران تي حملي کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته هي جنگ نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو منصوبو عوام ۾ مقبول نه هو.چيني پرڏيهي وزير ايران ۽ خليجي ملڪن جي سلامتي ۽ خودمختياري جي احترام تي زور ڏيندي چيو ته جنگ کي پکڙجڻ کان روڪڻ گهرجي ۽ وڏن ملڪن کي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو