جنگشاهي (رپورٽر) ضلع ٺٽي جي تاريخي جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي کان ڪوئلو کڻي ايندڙ مال گاڏي اچانڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب وڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جا ڪيترائي ويگن پٽڙي تان لهي ويا. ريلوي ذريعن موجب مال گاڏي جا بريڪ ناڪام ٿيڻ بعد ٽرين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي هئي، جڏهن ته اسٽيشن تي اڳ ئي هڪ ٻي مال گاڏي بيهاريل هئي. ڊرائيور وڏي حادثي کان بچڻ لاءِ حاضر دماغيءَ جو مظاهرو ڪندي گاڏي کي تيز رفتاري ۾ ئي لوپ لائن ڏانهن موڙي ڇڏيو، جنهن ڪري ٻن وڏين ٽرينن جي وچ ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪراءُ ٿيڻ جو وڏو خطرو ٽري ويو.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته لوپ لائن ۾ داخل ٿيڻ دوران مال گاڏي جي رفتار تيز هجڻ سبب ڪيترائي ويگن پٽڙي تان هيٺ لهي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ لوپ لائن جي لوهي ٽريڪ کي سخت نقصان پهتو آهي. واقعي دوران ڊرائيور مسلسل هارن وڄائي اسٽيشن تي موجود ماڻهن کي خطرناڪ صورتحال بابت باخبر ڪندو رهيو ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ معجزاڻي طور ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. حادثي جي فوري بعد ريلوي جا اعليٰ عملدار ۽ بحالي واريون ٽيمون ڪي پي ٽي ڪرينز سميت موقعي تي پهچي ويون آهن، جتي ٽريڪ کي صاف ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بريڪ ناڪام ٿيڻ جي اصل سببن جي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ تحقيقاتي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.










