ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مذهب جي نالي تي موسيقي جي دنيا کي ڇڏي ويندڙ نعت خان مرحوم جنيد جمشيد جي پٽ اڳوڻي گلوڪار بابر جنيد جمشيد پهريون ڀيرو پنهنجي پيءُ جي شادين بابت کليل ڳالهيون ڪري ڇڏيون آهن.مرحوم جنيد جمشيد جي پٽ بابر جنيد جمشيد تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو.هن پهريون ڀيرو پنهنجي مرحوم والد جي شادين بابت به کليل نموني ڳالهايو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن انڪشاف ڪيو ته سندس والد مرحوم جنيد جمشيد ڪل 3 شاديون ڪيون هيون.بابر جنيد جمشيد چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب منهنجي ماءُ کان سواءِ هن جون 2 ٻيون به زالون هيون، جن مان هڪ منهنجي پيءُ سان گڏ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي وئي، منهنجي ماءُ کانسواءِ باقي ٻن گهرن مان کيس ڪو به اولاد ناهي، اسان صرف 4 ڀائر آهيون هن پنهنجي پيءُ سان ماضيءَ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي چيو ته مون کي ياد آهي هڪ دفعو هن مون کان پڇيو ته ماڻهو چون ٿا ته تنهنجي پيءُ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون آهن، پر اهو ٻڌاءِ ته هن ڪڏهن تنهنجي ماءُ سان ظلم ڪيو آهي يا توهان ماڻهن سان؟ جنهن تي مون جواب ڏنو ته نه بابا توهان پنهنجون سموريون ذميواريون پوريون ڪيون آهن ۽ اسان کي تمام گهڻو پيار ڏنو آهي، اهو ٻڌي هو مطمئن ٿي ويو.










