جنهن نانگ کي کير پياري پاليو ان 9 مئي تي ڏنگيو:آصف

جنهن نانگ کي کير پياري پاليو ان 9 مئي تي ڏنگيو:آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجه محمد آصف انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي هزار ارب رپيا ٽيڪس چوري ٿئي ٿو صرف ٻن وزرتن جو گردشي قرض 4 هزار ارب رپيا آهي جيڪڏهن مستقبل تبديلي چاهيو ٿا ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي خانڳائڻ يا بند ڪرڻو پوندو نار وارن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي مٽي جي محبت سان سرشار آهن عمران خان جي چوڻ تي ناڻي روانگي موڪلڻ بند نه ڪنداسين عدليه ٿوڪ جي حساب سان منع نامو نه ڏي عدليه ملڪ سان منع نامي جي نالي تي جيڪو ڪري رهي آهي ان جي خود احتسابي ڪري جڏهن ته انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزادا چيو آهي ته پاڪستان کي ڪو ٻيو ملڪ انساني حقن جو سبق نه پڙهائي ڪلبوشن ياديو جي گرفتاري کان پوءِ پاڪستان ۾ مسلڪ جي بنياد تي دهشتگردي گهٽجي وئي آهي پاڪستان جي جيلن ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ گرفتار عورتن جي بي حرمتي جون ڳالهيون ملڪ جا دشمن هلائي رهيا آهيون انساني حقن جي قومي ڪميشن کي ان حوالي سان ڪائي درخواست ناهي ملي. 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث وڳوڙين جي خلاف پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق ڪارروائي ٿي رهي آهي اربع تي قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 2023-24 جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي خواجه محمد آصف چيو ته 75 سالن ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا موجوده حالتن ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ان ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيا آهيون هن چيو ته ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ٻن ادارن جو قرض هڪ هزار ارب کان مٿي آهي 86 ارب رپيا رڳو ان قرض تي وياج ادا ڪيو پيو وڃي خساري واري اداري کي جلد خانڳائڻ بهتر آهي هن چيو ته معاشي حالتن کان هر ڪوئي آگاهه آهي هزارين ارب رپيا اهڙن ادارن تي خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن جو زنده رهڻ ممڪن نه آهي هي رياست جي خلاف جرم آهي غربت ختم ڪريو ادارن غربت ختم نه ڪئي پر چيف ايگزيڪيوٽو ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر 30 کان 35 لک رپيا پگهار کڻي رهيا آهن انهن منع نامو وٺي ڇڏيو آهي هتي رڳو ڦرلٽ ٿي رهي آهي. هن چيو ته بنيادي تبديلين کان پوءِ سرپلس بجيٽ ممڪن نه آهي سمورين معاشي بيمارين جو علاج موجود آهي پر ان لاءِ عزم جي کوٽ آهي اعليٰ عدالتن ۾ 16 لک رپين تائين پگهارون آهن جڏهن ته ادارا زنگجي چڪا آهن. بچاءُواري وزير چيو ته هن ملڪ کي خطرو اسان جي نازڪ معيشت سان آهي اسان وٽ وسيلا آهن اسان پنهنجي زخمن جو علاج ڳولي سگهون ٿا پر ان لاءِ عزم نه آهي ان ۾ سمورا ادارا شامل آهن ڪنهن اداري کي خانڳائڻ جو سوچون ته هٿ پير سڄي وڃن ٿا ته نيب ۽ اينٽي ڪرپشن گهرائيندي اسان کي پنهنجي معيشت جو نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو بدقسمتي سان ملڪ مان وڏن شهرن ۽ وڏن مارڪيٽن ۾ بجلي چوري ٿئي ٿي هن وقت 4 هزار ارب رپين جو بجلي ۽ پيٽروليم جي کاتن جو گردشي قرض آهي بجلي جي هيٺين سليب جو فائدو وٺڻ لاءِ هڪ هڪ گهر ۾ 3-3 ميٽر لڳل آهن وسيلن تي چند ماڻهن جو قبضو آهي ايڏي فرق وارو معاشرو گهڻي دير تائين زنده نٿو رهي سگهي هي اسان لاءِ سجاڳ ٿيڻ جو موقعو آهي بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن اسان کي مستقل تبديلي آڻڻي اهي ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي بند ڪرڻو پوندو يا انهن کي خانڳائڻو پوندو بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ضرور مليو آهي جڏهن ته هي ڪافي نه آهي پي پي جي ميمبر رميش لال چيو ته اقليتي ميمبرن کي گذريل حڪومت ۾ ترقياتي فنڊ نه ڏنا ويا اسان کي به ترقياتي فنڊ ڏنا وڃن اقليتن کي گرونانڪ جو جنم ڏينهن، ڪرسمس ۽ ديوالي تي مالي مدد ڪئي وڃي. اسان جي ليڊرن کي گذريل دور ۾ جيل ۾ وڌو ويو انصاف ڏيڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي هن چيو ته غريب کي انصاف ملڻ مشڪل آهي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ دعائن جي ضرورت آهي ڏهرڪي ۾ شاندار فلائي اوور هيڊ برج جو ڪريدٽ آصف زرداري ڏانهن وڃي ٿو اقليتن کي برابر ترقياتي بجيٽ ڏني وڃي رميش لال چيو ته جيل ۾ قيدين کي 2-2 سال ٻڌڻي تي نٿو ورتو وڃي پاڪستان ۾ سياحت زراعت لاءِ سازگار ماحول آهي اسان جي ملڪ جهڙو ڪوئي ٻيو نه آهي مير منور ٽالپر چيو ته رميش لال اهو چيو ته ماڻهو جيلن ۾ سڙن ٿا ۽ کين عدالتن ۾ نٿو آندو وڃي هن چيو ته قيدي جيلر وٽ هوندا آهن مان 8 ڀيرا گرفتار ٿيس پر ڪنهن پاڻمرادو نوٽِس نه ورتو منهنجي زال کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو پي ٽي آئي جا ماڻهو گرفتار ٿين ٿا ته کين بنا دير ضمانتون ملي وڃن ٿيون جيلن ۾ انساني حقن جي پاسداري نه آهي ان جي جواب ۾ رياض حسين پيرزادا چيو ته ڪوئي اسان کي انساني حقن جو سبق نه پڙهائي 9 مئي جي حملي آورن سان پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق منهن ڏنو پيو وڃي هن چيو ته انساني حقن بابت قومي ڪميشن کي جيلن ۾ عورتن سان غلط ورتاءُ جي هڪ به درخواست ناهي ملي بدقسمتي سان ملڪ دشمن هڪ ٽوئٽ ڪري پاڪستان کي بدنام ڪرڻ شروع ڪن ٿا پوءِ ان سان گڏ ئي ٻاهرين ملڪ مان ان کي هوا ڏني وڃي ٿي ايوان ۾ ڳالهائيندي شيري رحمان ٻڌيو ته سائڪلون ڪافي ڏينهن کان اڳڪٿي مطابق اڳتي وڌي رهيو آهي مختلف ملڪن جي سسٽم سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته هي طوفان گهني شدت سان پاڪستان ۽ انڊيا جي سامونڊي پٽي ڏانهن وڌي رهيو آهي رستو اهو ئي آهي جنهن جي اسان اڳڪٿي ڪئي آهي هن چيو ته هي طوفان ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جو امڪان آهي 140 کان 150 في ڪلوميٽر جي رفتار سان هوائون لڳي رهيون آهن سنڌ حڪومت مانيٽرنگ ڪري رهي آهي هن چيو ته ٺٽو سجاول حب سميت ڪراچي جا سامونڊي علائقا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ بلوچستان حڪومت سان گڏجي وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ڪميٽي مڪمل طور تي ڪردار ادا ڪري رهي آهي سامونڊي علائقن جي طوفان سان متاٿر ماڻهن لاءِ مختلف سرڪاري عمارتن ۾ 75 رليف ڪئپون ٺاهيون وين آهن اتي ماڻهن کي پهچايو ويو آهي هن وقت تائين 62 هزار ماڻهن کي ڪئمپن ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي سنڌ حڪومتن هن سٺي عمل کي ليڊ ڪري رهي آهي پي ڊي ايم اي به ان ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي ان کان سواءِ ڪوسٽ گارڊ نيوي، رينجرز مقرر آهي پوليس به ايڪٽو آهي هن چيو ته فائيو ڪور ڪماندڙ جو به شڪريو ادا ڪريون ٿا اهي خاص تعاون ڪري رهيا آهن سائيڪلون وڃڻ کان پوءِ ان سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو ويندو. ميان جاويد لطيف چيو ته 2017 تي راتاهو هنيو ويو ان وقت جا سمورا ڪردار نوازشريف کي ريڊ ڪارپٽ وڇائي واپس آڻين ۽ ان کان معافي وٺن ادارن ۾ موجوده حاضر سروس ماڻهن کي گهرجي ته اهي نوازشريف کي چون ته ماضي ۾ غلطيون ٿيون نوازشريف عالمي سطح تي معتبر ليڊر آهي ان کان سواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو