خيرپور(سجاد علي ڪٻر) هٿيارن جي زور تي عورت سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي خيرپور سعود مگسي موجب بي سيڪشن پوليس ۽ وومين پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي جوابدار حضور بخش ميراڻي کي گرفتار ڪيو. جوابدار مسمات راضل سان هٿيار جي زور تي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.










