ميرپورخاص (سيد بشيرشاھ ) ٽنڊوجان محمد لڳ ڳوٺ ابراھيم آرائين ۾ عبدالحميد آرائين جي پٽ جي شادي ۾ رات جي وقت ايڪو سائونڊ ۽ جنريٽر هلائيندڙ 11سالن جو لوڻيو، 14 سالا عميش، 20 سالا ڪيلاش ميگھواڙ پراسرار طور فوت ٿي ويا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽئي ڄڻا جنريٽر ھلندڙ ڪوٺي ۾ ستل هئا جتي جنريٽر جي دونھين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا آھن. واقعي جي اطلاع تي پوليس فوتين جا لاش اسپتال کڻائي آئي آهي ۽ وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڏني آهي.










