راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي فائونڊيشن جو دورو ڪيو، هن هيلٿ ڪيئر منصوبن جو افتتاح ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آرمي فائونڊيشن جي ڪردار ۽ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي فائونڊيشن اڳوڻي فوجين ۽ انهن جي خاندانن کي روزگار ۽ مفت صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.آرمي فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ سولين ۽ پرائيويٽ مريضن جو به خيال رکي ٿي.










