راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ بابت هلايل خبر سراسر غلط ۽ ڪوڙو آهي. هڪ يوٽيوبر صحافي طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ موجوده ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر سان رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته اها خبر بلڪل غلط آهي. هن ان کي جعلي خبر سڏيو. يوٽيوبر صحافي پنهنجي تازي بلاگ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته جنرل فيض حميد ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي فون به ڪيو هو. يوٽيوب چيو ته اها ٽن مختلف ذريعن کان معلومات جي تصديق ڪئي هئي. هي بلاگ وڏي پيماني تي سياسي ۽ ميڊيا جي حلقن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. تازو ئي نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب هڪ پريس ڪانفرنس ۾ جنرل فيض جو نالو وٺڻ کانسواءِ الزام لڳايو هو ته پشاور ۾ مقرر هڪ شخص نون ليگ جي ڪجهه ميمبرن سان رابطو ڪري وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ان حوالي سان به ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ادارو سياست ۾ ملوث نه آهي ۽ دفاعي قوتن سان تعلق رکندڙ ڪو به اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهي، جنهن جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. مريم اورنگزيب جي بيان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ مولانا فضل الرحمان جو حوالو ڏيندي ڪجهه صحافين چيو هو ته ”ادارا“ غير جانبدار ٿي ويا آهن.










