اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشماد ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيو ويو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ صدر عارف علوي اعليٰ فوجي قيادت کي اعزاز ڏنا.تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ ٻين وزيرن به شرڪت ڪئي.










