جناح هائوس حملو ڪيس: خديجه شاهه سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل  حوالي

جناح هائوس حملو ڪيس: خديجه شاهه سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل حوالي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه کي دهشتگردي جي انت واري عدالت سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل اماڻي ڇڏيو. اڳوڻي آرمي چيف جي ڏوهٽي ۽ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه کي قيدين واري وين ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ انتظار ڪرڻ کان پوءِ عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويو.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. خديجه شاهه جو چهرو ڍڪي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس خديجه شاهه کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل اماڻڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي منظور ڪندي عدالت کيس 7 ڏينهن جي لاءِ سڃاڻپ پريڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ سڃاڻپ پريڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ خديجه شاهه کي ٻيهر 30 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.عدالت خديجه شاهه کي عدالت جي ڪمري ۾ مڙس سان ملاقات جي اجازت به ڏني. ان کان اڳ وين ۾ موجود خديجه شاهه چيو ته سخت گرمي آهي، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي مون کي ساهه جي بيماري آهي، منهنجي طبيعت خراب ٿي رهي آهي جنهن تي پوليس اهلڪارن چيو ته گاڏي کي ڇانءُ ۾ بيهاري ٿا ڇڏيون. پوليس موجب خديجه شاهه کي پوليس وين ۾ پاڻي پهچايو ويو. وين ۾ خديجه شاهه سان گڏ ٻيون 2 عورتون به شامل هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو