جمهوريت جي شهيدن جي 37 هين ورسي، راج ڪماراوڏ

جمهوريت جي شهيدن جي 37 هين ورسي، راج ڪماراوڏ

پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ يعني ايم آر ڊي 1983 دوران سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ 16 شهيدن جي 37 هين ورسي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ سادگي سان ملهائي پئي وڃي. سندن وارث اڄ به پنهنجي شهيد پيارن کي ياد ڪري پنهنجي اکين مان لڙڪ لاڙيندا رهن ٿا. 29 سيپٽمبر جي ايم آر ڊي هلچل جي شهيدن جا وارث ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻيا شهيدن جي آخري آرامگاهن تي گلن جو چادرون چاڙهي دعا گهرندا آهن. ان بعد ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي رهائشگاهه تي شهيدن جي روح کي ايثال ثواب بخشڻ لاءِ قرآن خواني ڪري خيرات جي ماني ڪئي ويندي. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ڪو به پروگرام ترتيب نه ڏنو ويو آهي نه ئي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت پاران شهيدن جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ڪو به سرڪاري پروگرام اڃان تائين ترتيب نه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ايم آر ڊي جي شهيدن جي ورسي تقريب دوران اعلان ڪيو هو ته شهيدن جي مزارن کي پڪيون چوکنڊيون ٺهرايون وينديون ۽ سندن يادگار تعمير ڪرايو ويندو. ان سميت ڪيل ٻين اعلانن تي اڃا تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ان موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهيدن جي قربانين بابت بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سندن قرباني کي لازوال قرار ڏنو آهي.  ايم آر ڊي هلچل دوران 29 سيپٽمبر 1983 ع تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو سميت ٻين ڳوٺن جا ڪارڪن قومي شاهراهه تي سنڌ ۾ ايم آر ڊي هلچل دوران 17 آگسٽ 1983 تي دادو، 18 آگسٽ تي نوشهروفيروز ۽ 3 سيپٽمبر تي موري ۽ 12 سيپٽمبر تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان احتجاج ڪندڙ شهيد ٿيل ساٿين جي ياد ۾ سڪرنڊ باءِ پاس تي قرآن خواني ڪري رهيا هئا ته ان دوران فوجي آمر ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن فائرنگ ڪري 16 ڄڻن کي شهيد ڪيو هو جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿيا هئا.

Martyrs of Democracy, Photo PPP

شهيد ٿيندڙن ۾ محمد هاشم خاصخيلي ، محمد رمضان خاصخيلي ، جانب خاصخيلي ، علي گل خاصخيلي، ميرو خاصخيلي ، علي شير چانڊيو ، غلام مصطفيٰ چانڊيو ، گلاب چانڊيو ، پير بخش چانڊيو ، محمد صديق چانڊيو ، ٺارو چانڊيو ، رجب چانڊيو ، محمد عرس چانڊيو ، محبوب سولنگي ، الهه رکيو سولنگي ۽ حسين بخش مڱڻهار شامل هئا. جڏهن ته 51 ڄڻا فائرنگ ۾ زخمي ٿيا هئا. جن کي بعد ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو هو. جڏهن ته ان ٽائيم ايم آر ڊي جي سرواڻي سڪرنڊ ۾ پنهل خان چانڊيو ۽ غلام عباس چانڊيو ڪري رهيا هئا. ايم آر ڊي هلچل دروان زخمي ٿيندڙ ۽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ پنهل خان چانڊيو ، غلام عباس چانڊيو تي سڪرنڊ ٿاڻي تي انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ جي فرياد تي تاريخ 29.09.1983 ع تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته پنهل خان چانڊيو ۽ غلام عباس چانڊيو کي ڏهه ڏهه ڪوڙا ۽ 12 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي کين ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاهه مان ڪڍي کين خيرپور جيل ۾ رکيو ويو هو. جموهريت جي بحالي واري ان تحريڪ ۾ سوين ماڻهن کي گرفترا ڪري جيلن م قيد ڪيو ويو، سوين ساگردن کي ڪوڙا هنيا ويا پر پوءِ به فوجي آمر عوام جي دلين مان شهيد ڀٽو جي محبت نه ڪڍي سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ جي شاگردن کي برابري جي بنياد تي تعليم جو حق ڏنو جيڪو 1970 تائين زميندارن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ٻارن جو حق هوندو هو. هن مزدورن لاءِ قانون ٺاهيا، جنهن هيٺ کين 8 ڪلاڪ ڪم، هفتي ۾ هڪ موڪل، اوور ٽائيم،پينشن، گريجوئٽي، پرويڊنٽ فنڊ جون سهولتون مليون. هن سرمائيدارن جي هڪ هٽي ختم ڪري مزدورن کي مان ڏنو. هن شاگرد يونين ٺاهي نوجوان سياستدانن جو هڪ نئون نسل تيار ڪيو. هن عام شهرين کي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏنو، لکين ماڻهو پرڏيهه نوڪرين تي لڳايا. اهي عوامي قدم هئا جنهن جي ڪري ڀٽو سان ماڻهو محبت ڪن ٿا. بحالي جي اها تحريڪ ڪامياب تڏهن ٿي جڏهن 17 آگسٽ 1988 تي ضياءَ الحق جهاز جي حادثي ۾ مري ويو هو ۽ سندس لاش جو ڪو عضوو سلامت نه بچو هو. قدرت جو انجام به پنهنجو هوندو آهي. اڄ ضياءَ الحق جي قبر جيڪا فيصل مسجد اسلام آباد جي اڱڻ ۾ آهي، ان جي آس پاس رولو ڪتا پيا ڦرندا آهن ۽ ڀاڙي تي هلندڙ سوزوڪين وارن ان چوڪ جو نالو جبڙا چوڪ رکي ڇڏيو آهي. وقت جي آمرن جو تاريخ ۾ حشر هميشه بي رحماڻو ٿيو آهي. چاهي ضيا4الحق هجي، يا پنوشي يا ڪو ٻيو. ان جي باوجود به وقت جي طاقتورن ڪڏهن تاريخ مان سبق ناهي پرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو