جمهوريت اهڙو ارتقائي عمل آهي: سڪندر سلطان راجا

جمهوريت اهڙو ارتقائي عمل آهي: سڪندر سلطان راجا

اسلام آباد (بيورو) جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته جمهوريت هڪ اهڙو ارتقائي عمل آهي جنهن کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڀرپور شرڪت ۽ تعاون سان ئي حقيقت بڻائي سگهجي ٿو اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 25 مطابق سمورن شهرين ۽ طبقن جي جمهوري ۽ چونڊ عمل ۾ برابري تي يقين رکي ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي جمهوري عمل ۾ معاشري جي سمورن طبقن خاص ڪري محروم طبقن جي برابر شرڪت کي يقيني بنائڻ جي ذميواري ادا ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ملڪ ۾ جمهوري عمل شفاف ۽ منصفاڻو هجي جنهن ۾ بدعنواني جو شڪ به نه هجي ۽ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي برابر موقعا ميسر هجن. اليڪشن ڪميشن جي ڪوششن ۾ ميڊيا جو ڪردار نهايت هاڪاري ۽ ساراهه جوڳو آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن ميڊيا جي به شڪرگذار آهي ته هو سوسائٽي جو پنجون ٿنڀ هجڻ جي ناطي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو