جماعت جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن ۾ داخل، ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

جماعت جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن ۾ داخل، ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جماعت اسلامي جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي خلاف ڌرڻو ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي،.جماعت اسلامي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ شام 3 وڳي ٿيندو.ڌرڻي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 98 سيڪڙو عوام لاءِ بجلي جا بل ادا ڪرڻ هاڻي ناممڪن ٿي ويو آهي.هن چيو ته عوام بجلي جو بل ادا ڪري يا ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو؟ هو اڄ ڪراچي ۾ ڌرڻو شروع ڪرڻ وارا آهن، لاهور ۾ به ڌرڻي جو جلد اعلان ڪيو ويندو.حافظ نعيم چيو ته واپاري برادري اسان سان گڏ آهي، سندس مشوري سان سڄي ملڪ ۾ ڦيٿو جام هڙتال ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو