جماعت اسلامي پي ڊي اي حڪومت جي دور کي ڪارو دور قرار ڏئي ڇڏيو

جماعت اسلامي پي ڊي اي حڪومت جي دور کي ڪارو دور قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم اتحادي حڪومت جي 16 مھينن واري دور کي ڪارو دور قرار ڏيندي چيو آھي تہ قوم کي آءِ ايم ايف جي غلامن ۽ چورن جي ٽولي کان نجات ملي آھي،جنھن مھانگائي ڪرپشن توڙي معيشت جي تباھي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن.پي ڊي ايم دور ۾ پيٽرول ۽ بجلي 100 جڏھن تہ عام واھپي وارين شين جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو مھانگائي آڻي عوام جي چيلھ چٻي ڪئي وئي آھي پي ڊي ايم قيادت جي ڦرمار کان علاوہ سموري توجہ ڪرپشن جي دولت کي تحفظ ۽ داخل ڪيس ختم ڪرڻ ۾ رھي. 16 مھينن دوران پارليامينٽ ۾ 125 منظور ڪيل بلن ۾ ھڪ بہ عوام جي مفادن لاءِ ڪونہ آھي جيڪا انهن جي عوامي مسئلن ۾ عدم دلچسپي جو واضح ثبوت آهي . ھوڏانھن جماعت اسلامي سنڌ جي امير مدئجي ويجھو ڪلھوڙا ۽ جوڻجيجا تڪرار ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي ڏک جو اظھار ڪندي گهر ڪئي آهي تہ وڌيڪ رتو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ حڪومت بروقت قدم کڻي علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ جوڳا اباءَ کڻي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو