جوهي(ن سنڌيار) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته 75 سالن کان سنڌ ۾ وڏيراشاهي نظام قائم آهي، پر سنڌ جو عوام هن جديد دور ۾ به صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان محروم ۽ امن لاءِ ترسي رهيو آهي۔ سنڌ جي عوام کي هاڻي تبديلي لاءِ سجاڳي جو ثبوت ڏيڻو پوندو، سنڌ ۾ پ پ جي لڳاتار حڪومت باوجود دادو سميت سنڌ جو عوام روڊ رستن، تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن محروم ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جماعت اسلامي پنهنجي وس آهر حڪومت ۾ نه هوندي به سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي دادو جي ڪاڇي وارن علائَقن فريد آباد، ڇنڊڻ، شاهنواز عباسي، نئون ڳوٺ، الله ڏنو تيوڻو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ الخدمت طرفان هينڊ پمپ لڳائڻ جي موقعي تي رٿيل ميڙاڪن کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي ضلعي دادو جو امير مولانا واحد بخش ٻٻر، الخدمت جو صدر محمد موسى، يوٿ جو ضلعي صدر عبدالله ڏيرو، مقامي امير الياس ٻرڙو، علي حيدر کوسو، مجاهد چنا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته سنڌ پيرن، ولين ۽ امن جي ڌرتيءَ آهي، قبيلائي جيهڙن ذريعي رتوڇاڻ ڪري سنڌ جي شناخت کي ميساريو پيو وڃي، نواب ولي محمد کان پوءِ مَدئجي ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي جهيڙي ۾ 09 کان وڌيڪ انساني حياتين جو نقصان سنڌ حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي جو کليل ثبوت آهي، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون عوام کي بنيادي سهولتون ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ بدران هڪ ٻئي جي ڄُنڊا پَٽ لاءِ لانگ وفاقي ۽ صوبائي قومي خزاني مان اربين روپيا خرچ ڪري رهيون آهن، جيڪو غريب جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. هن گهر ڪئي ته دادو ضلعي جي ڪاڇو جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن.#










